ٽيئڙ تپ

ٽيئڙ تپ (Ephemoral Fever ):هي ڳَئن جي اڻ وچڙندڙ وائرس جي بيماري آهي جيڪا گھڻن ملڪن ۾ ننڍين مکين ذريعي پکڙبي آهي.
ماڻهن کي به ٽيئڙ تپ ٿيندو آهي، هر ٽئين ڏينهن بخار ٿيندو آهي.
نشانيون: تيز بخار، سستي، نڪ مان پاڻي وهڻ، بک نه لڳڻ، ٽنگن ۾ سور، ڇڪ ۽ منڊ ڪائڻ ٿيندو آهي. بيمار جانور ويهي رهندو آهي، کير پاڻيءَ جھڙو ٿي ويندو آهي ۽ ان ۾ ڪجھه رت به نظر ايندو آهي. ننڍن جانورن جي نسبت وڏن جانورن ۾ هيءَ بيماري وڌيڪ ٿيندي آهي. هن بيماري ۾ موت گھٽ ٿيندو آهي ۽ گھڻيون ڳئون ڪجھه ڏينهن بيمار رهي ٺيڪ ٿي وينديون آهن.
علاج ۽ بچاءُ: هن بيماري جو موثر علاج نه آهي پر بخار ۽ سور گھٽائڻ واريون دوائون استعمال ڪرڻ سان جانور کي آرام ملندو آهي. ڊاڪٽر جي هدايت موجب جانورن کي ٽڪا لڳرائجن.


لفظ ٽيئڙ تپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو